دانشور خان

دانشور خان: دانشور خان جو ٺٽي جي فارسي شاعرن ۾ شمار ٿيندو هو. کيس پنهنجي دؤر جي شاعرن ۾ خاص اهميت حاصل هئي. سندس تخلص ’شهرتي‘ هو. مشهور شاعر مير عبدالرزاق خان معموري سندس همعصر هو. دانشور خان جي شاعري فارسيءَ ۾ آهي، کيس فارسيءَ تي خاص عبور حاصل هو. هو جهانگير بادشاهه جي دؤر ۽ قباد خان حاڪم جي دؤر تائين زندهه هو. وقت جي حاڪمن وٽ سندس چڱي عزت هئي. سندس ’ديوان شهرتي‘ تمام گهڻو مشهور آهي.


لفظ دانشور خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو